اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي ??ي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌ??ڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوا?? ۾ ??يش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري لاء?? بل ايوا?? ۾ ??يش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌ??ڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوا?? ۾ ??يش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري لاء?? بل ايوا?? ۾ ??يش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.