اسلام آباد – 06 جو??اءِ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏي?? ۾ ??اڪستان سميت عالمي برادري کي مدد فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ ڪوويڊ 19 بابت سفري پابندين جي خاتمي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل غيرامتيازي سفري قاعدن کي يقيني بڻائڻ ۾ صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروز اڌانوم سان وڊيو ڪانفرنس دوران چئي.