اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪ??ي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف م??صوبن ??ي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪ??ل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين ??ي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪ??ل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.