اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ??اب??نا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير?? کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻن ۽ ٻي?? اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ??اب??نا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ??اب??نا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ا?? کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ??اب??نا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ??اب??نا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي ??اب??نا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻي?? اتحادي پارٽين ج?? سربراهن سان ??اب??نا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنه?? کانپوءِ ??اب??نا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ا?? کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان ج?? 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.