اسلام آباد – 12 ̵1; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽ??ن جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م ميان محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتون ڪيون. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽ??ن جي قائدين سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداس??ن جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽ??ن جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.