اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هيستائين جون سموريون حڪومتون هڪ طرف پر وزيراعظم عمرا?? خان جي ساڍي ٽن سالن جو اقتدار جي دور ۾ بيشمار سفارتي ڪاميابيون مليون آهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم پرچين جي س??است کان مٿانهون ٿي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو، دنيا عمرا?? خان کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي، ٽن مهينن ۾ او آءِ سي جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، عا??مي سطح تي موثر آواز بلند ڪرڻ تي گڏيل قومن جو 15 مارچ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عا??مي ڏينهن قرار ڏنو، عمرا?? خان افغانستان تي عا??مي ڌيان ڇڪرايو، ڪشمير مسئلي کي دلير وڪيل بڻجي اجاگر ڪي??، اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمرا?? خان ئي ڪري سگهي ٿو.