ا??لا?? آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اس??ام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان ??لا??_فادر/122259.html">?ي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آه??، فنڊ جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آه??، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اس??ام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آه??، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اس??ام?? ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آه??. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آه??، هن اس??ام?? ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽ??سٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.