اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سيا??ي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، و??يڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي ا??ڪر??ٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف ا??ڪر??ٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿ??و، پاڪستان ۾ سيا??ي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سيا??ي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سيا??ي پارٽين جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.