اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ينگ پارليامينٽرين فورم جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارلياماني ??يڪ??يٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل ??يڪ??يٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ ??يڪ??يٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي واري ??يڪ??يٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ن??جو??نن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ ن??جو??ن قانونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم ن??جو??ن پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چونڊيل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح ??هي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فورم جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.