اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک ما??هن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ما??هو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوال?? سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ما??هن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 ل?? 25 هزار 203 ما??هن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ما??هن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.