اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنس??ل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪ??رو??اري قرض فراهم ڪري انهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪ??رو??ار قائم ڪري سگهن. صدر تعل??م جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار ک?? ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ پروفيشن??ز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنس??ل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻهن کي تعليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.