اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي جي لا??ِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي لا??ِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي، خصوصي ماڻهن ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ خ??وصي ماڻهن جي ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا، وڏي وزير مير ??بد??لقدوس بزنجو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي دائري کي سگهه ڏيڻي پوندي، خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن، جن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان جي ترقي سان پوري ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ترقياتي پئڪيج سان صوبي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بلوچستان جي ترقي جي لا??ِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته بلوچستان جا نوجوان حڪومت پاران ڪاروباري قرض جي اسڪيمن مان فائدو کڻن. صدر هدايت ڪئي ته خصوصي ماڻهن ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.