ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه ??نجنيئر گلبدين حڪمت يار افغان مسئلي جي پرامن ۽ ??ال??ين واري حل ل??ءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت افغانست??ن ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه امن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ ل??ءِ هتي ابتدائي ??ال??يون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ??ال??يون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل ل??ءِ سڄي افغان سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ??ال??ين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته افغان عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالب??ن ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته سڀني افغانين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالب??ن ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. افغانست??ن ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾هاڻي افغانست??ن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت افغانست??ن ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀارت افغانستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ افغانستان منتقل نه ڪري. افغان سر زمين کي ڪنهن به جنگ ل??ءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڀارت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀارت ۾ افغانست??ن ۾ امن جي بحالي ل??ءِ افغان عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.