جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اس??ن جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جلد نئين پاڪست??ن جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪر??ئڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي با??ادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪست??ن جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪر??ار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقري?? کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطين سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي.