اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آل??ده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي ??اءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي ??زي?? شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي ??زي?? اسد عمر، توانائي واري وفاقي ??زي?? عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي ??زي?? فيصل واوڊا، پنجاب جي ??ڏي ??زي?? سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي ??ڏي ??زي?? محمود خان، بلوچستان جي ??ڏي ??زي?? ڄام ڪمال خان، ??زي??اعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي ??زي?? زرتاج گل، ??زي??اعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي ??روگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري ح??صل ٿي آهي. ??زي??اعظم جي ??وسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گهٽ ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي ??نصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.