اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ??يم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو ب??ائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي جي خلاف ورزي جي متاثرين ??ان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موج??د ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين ??فاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخص??ص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.