اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه پي ڊي ايم جو بيانيو جمهوري نه آهي، 2018ع جي چونڊن جي شف??فيت جو اعتراف عالمي ادارن به ڪيو، ڇا مخالف ڌر چونڊ ڌانڌلي جو معاملو اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ يا پارليامينٽ ۾ اٿاريو، توهان وٽ ڌانڌلي جا ثبوت ڪهڙا ??هن، اسان جي تحريڪ ۽ انهن جي تحريڪ ۾ فرق اهو آهي ??ه اسان هر جمهوري فورم کي استعمال ڪيو ۽ هي هر غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پي ڊي اي?? جي صدارت اهڙو شخص ڪري رهيو آهي ??نهن جي پنهنجي گهر ۾ عزت نه آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي خلاف ڪرپشن ڪيسز جي باري ۾ جواب ڏيڻ بدران ڌمڪين تي لهي ??يو آهي، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ ڪهڙي جمهوريت آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پارٽي ۾ غير ضروري ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم ته ائين ئي دم ٽوڙي چڪي آهي، ذاتي مفادن جي لاءِ مدرسن جي ٻارن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.