اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي د??وت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دور?? ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وز??راعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وز??راعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وز??راعظم هڪ پرا??ن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته ??فغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار ا??ن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وز??راعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وز??راعظم چيو ته ??من عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.