اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿينديون آهن، عورتون ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ پاڻ به ڪري سگهن ٿيون، ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ سان 98 سيڪڙو ڪامياب علاج ممڪن آهي، ڇاتي جي ڪينسر جو علاج مهانگو آهي، مرض کان تحفظ لاءِ اڳواٽ احتياط جي ضرورت آهي، گلابي ربين جو مق??د ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، غذائي کوٽ سان پاڪستان ۾ اسٽنٽنگ جو وڏو مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي، ماءُ جي غذائي ضرورتن ۾ احتياط سان ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جا امڪان گهٽ ڪري سگهجن ٿا، ٻن سالن تائين ٻارن کي کير پيارڻ سان ماءُ ڇاتي جي ڪينسر سان بچي سگهي ٿي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جو وقت سر ۽ درست فيصلو ڪيو، ڪورونا کان بچاءُ لاءِ هٿ ڌوئڻ، ماسڪ پ??ئڻ ۽ سماجي فاصلو ضروري آهي، انهي طرح احتياطي قدمن سان ڇاتي جي ڪينسر کان به بچي سگهجي ٿو، شوڪت خانم اسپتال ٺاهڻ جو مق??د ڪينسر جي غريب مريض جو مفت علاج هو. قومن جي ارتقا ۾ تعليم ۽ صحت جو اهم ڪردار هوندو آهي، ڇاتي جي ڪينسر بابت شعور جي آگاهي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خط??ب ڪندي صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اسٽنٽنگ جو ذڪر ڪيو، دنيا ۾ تعليم ۽ صحت بنيادي اهميت رکندڙ آهن، ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ تعليم ۽ صحت جو ڪردار بنيادي هوندي آهي، وزيراعظم سي??سي زندگي کان اڳ عوام کي ڪينسر کان بچاءُ ۽ علاج لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ شوڪت خانم اسپتال جو مق??د به غريب طبقي کي ڪينسر جي مفت علاج جي فراهمي هئي، هن چيو ته سي??ست ۾ وزيراعظم صحت ۽ تعليم کي فوقيت ڏني آهي، صدر چيو ته اڄ شوڪت خانم دنيا ۾ هڪ بهترين مثال آهي، هن قوم کان گذارش ڪئي ته ڪورونا ختم ناهي ٿيو، قوم وبا جو بهترين مق??بلو ڪيو آهي، ائين نه ٿئي جو اسان جي بد احتياطي سان اسان کي ان کي ٻيهر منهن ڏيڻو پوي ڇو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وبا ٻيهر پکڙي آهي، هن چيو ته ماسڪ پائي، هٿ ڌوئي ۽ سماجي فاصلي جي احتياطن سان ڪورونا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، انهي طرح احتياطي تدبيرن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر کان به بچي سگهجي ٿو.