پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ??مران خان پشاور جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو ??ڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان کانسواءِ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق ۽ صوبائي وزير پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ??مران خان کي ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان پشاور ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. افتتاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏهن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽي بس ۾ سفر جي لاءِ شهرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا ??يا آهن. بي آر ٽي منصوبي ت?? ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.