اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته نرسنگ جي عا??مي معيار موجب پاڪستان کي 13 لک نرسن جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ 87 هزار رجسٽرڊ نرسنون ڪم ڪري رهيون آهن، نرسنگ جي حوالي سان قانون تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو آخري مرحلن ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نرسن جي عا??مي ڏهاڙي جي موقعي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.