اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بيمار قيدي محمد نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ، نئين دهلي ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ تشدد، عبادتگاهن جي بي حرمتي تي ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪرڻ سميت 10 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻ??ايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جي روش جو سخت نوٽيس ورتو.