اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پا??ست??ني وفد جي قيادت ڪن??و جڏهن ته تنزانيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪن??و. ??رجمان چيو ته پا??ست??ن ۽ تنزانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آه??. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ پا??ست??ن جو هڪ اهم واپاري حصيدار آه??. ٻطرفي سياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آه??. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت پا??ست??ن ۽ تنزانيه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.