اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي خصوصي م??ڻهن کي قومي ڌا??ا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي م??ڻهن کي م??اون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي م??اشري ۾ مثبت ??رد??ر ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِ?? ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته خصوصي م??ڻهن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثمينه عارف علوي چيو ته خصوصي م??ڻهو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏهن ته انهن جي م??اشري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روين جي ڪري خاندانن پنهنجي اهڙن ماڻهن کي گهرن تائين محدود رکيو ۽ انهن جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ معذور ماڻهن جي چرپر کي م??دود ڪري ٿي. ثمينه عارف علوي م??اشري ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مرڪزي ڌا??ا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استادن جي تربيت ۽ معاشري کي حساس ب??ائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خصوصي م??ڻهن کي م??اون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت وسيع موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي م??اشري ۾ مثبت ??رد??ر ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خصوصي م??ڻهن کي م??ڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائي وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خصوصي م??ڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خصوصي م??ڻهن جي م??لي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثمينه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ان جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ماڻهن کي م??رڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ انهن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.