اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگ?? چيو آه?? ته پاڪستان جو وجود سمورين اقليتن جي حقن جو ضامن آه??، پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو، نريندر مودي ڪڏهن به مظلومن سان گڏ نه بيٺو، ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ لاڳو آه?? جتي مذهبي اقليتن ت?? ظلم ڪيا پيا وڃن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو پردو فاش ڪري رهيون آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرينڊز آف ڪشمير انٽرنيشنل ۽ ڪشمير ميڊيا سروس جي اهتمام هيٺ ”ڀارت ۾ اقليتن ۽ ڪشميرين ت?? ظلم ۽ ڏاڍ“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير ڪاز جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي آه?? ۽ اها والاريل ??شمير جي آزادي تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جتي به اقليتن سان ڪڏهن ڪو واقعو پيش آيو ته ان وقت نه رڳو اسان جو معاشرو پر سياسي پارٽيون ۽ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺيون، جڙانوالا جي افسوسناڪ واقعي جي فوري پوءِ نگران وزيراعظم پاڻ اتي ويو، اقليتن جي نقصانن جي تلافي ڪئي، هي اهو فرق آه?? جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آه??، جڏهن ڀارت ۾ مذهبي اقليتن ت?? ظلم ڪيا وڃن ٿا ته اهڙو ردعمل تي نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته جڏهن کان بي جي پي جي حڪومت آئي آه??، ان وقت کان اها شيءَ ڀارت ۾ ڏسڻ جي لاءِ ناهي ملي، جيڪڏهن مني پور، گجرات يا ڪشمير ۾ اقليتن سان ڪو واقعو يا سانحو رو??ما ٿئي ٿو ته نريندر مودي اتي مظلومن سان گڏ ڪڏهن به ناهي بيٺو. هن چيو ته يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس، رپورٽرز ود آئوٽ بارڊر جهڙن عالمي ادارن پنهنجي رپورٽس ۾ ڀارت کي نام نهاد اڪثريتي رياست ظاهر ڪيو آه??. هن چيو ته ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ نافذ آه??. ڀارت جو اهو رويو تمام پراڻو آه?? ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو وڌيڪ سخت ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته ڪا پرتشدد رياست وڌيڪ دير تائين قائم نٿي رهي سگهي، هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن ان کي پرتشدد ڪارروايون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائم آه?? ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن، خودمختياري جي حق ۽ انهن جي سفارتي ۽ سياسي مدد گذريل 75 سالن کان جاري رکي آه?? ۽ والاريل ??شمير جي آزادي تائين جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو تنهن ڪري پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي استحڪام حقيقت ۾ هڪ ضمانت آه??، مظلوم ڪشميري عوام جي مدد جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجو اهو ڪردار جاري رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ميڊيا اصل حقيقتون ۽ انگ اکر دنيا آڏو پيش ڪري رهي آه??، اسان کي ڀارتي رياست وانگر سينسرشپ ڪرڻ جي ضرورت نه آه??. هن چيو ته ڀارت اسان جي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي هڻي رکي آه?? جن ۾ ريڊيو پاڪستان به شامل آه??. هن چيو ته ڀارتي رياست انهن عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي دٻاءُ وجهي حقيقتن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??. فلسطيني عوام جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطيني عوام تي ظلمن جي باوجود اڄ به فلسطين جي آزادي جي روح کي شڪست نه ڏئي سگهجي، فلسطينين جي حمايت ۾ پوري دنيا مان آواز بلند ٿيو آه??. هن چيو ته جهڙي طرح ڀارت جي اندر مظلومن خاص طور تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح فلسطينين جي حقن جي لاءِ پڻ آواز مضبوط ٿيو آه?? ۽ اهو ضرور رنگ لائيندو.