اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) انتهاپسند هندوئن بابري م??جد شهيد ڪرڻ جي 30 سال کانپوءِ پنهنجي ايجنڊا تي عمل ڪندي تاريخي تاج محل کي ميري اک سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ڀارت ۾ اسلامي ورثي کي خطرا لاڳو ٿي ويا آ??ن، هو ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته تاج محل جي شروعات هندو دور ۾ ٿي، نريندر مودي جي حڪمران پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي هڪ اڳواڻ پاران داخل ڪيل تازي رٽ پٽيشن ۾ تاج محل جي ”حقيقي تاريخ جو مطالعو“ ڪرڻ جي لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جو مطالبو ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد يونيسڪو جي ثقافتي ورثي جي جڳهه ??اج محل کي هندوئن جو ورثو قرار ڏيڻ آهي. ايوڌيا ۾ بي جي پي جي ميڊيا سربراهه ??جنيش سنگهه پنهنجي درخواست ۾ اهو جواز پيش ڪيو آهي ته ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪو ”سائنسي ثبوت“ نه آهي ته مغل بادشاهه ??اهجهان تاج محل تعمير ڪيو هو. باوجود ان جي ته ڀارتي عدالت ان جي ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو هو جڏهن ته بي جي پي جي اڳواڻ ڪيترن ئي سالن کان غيرتاريخي دعويٰ ورجائيندا ۽ وڌائيندا رهيا آهن ته تاج محل حقيقت ۾ هڪ هندو مندر آهي، جيڪو مغل بادشاهه ??اجهان جي دور کان تمام گهڻو اڳ ٺاهيو ويو. هندوتوا سان گڏ آر ايس ايس پوري ڀارت ۾ مسلما حڪمرانن جي تعمير ڪيل تاريخي يادگارن جي خلاف بيانيو پيش ڪري رهي آهي. بي جي پي جي حڪومت جي دور ۾ آر ايس ايس جي ساڄي پاسي جي هندو شهرن جا نالا تبديل ڪرڻ ۽ سڄي ڀارت ۾ 36000 کان وڌيڪ مسجدن کي مندر جي جڳهه ??ي تعمير ڪرڻ جي دعويٰ جي مهم هلائي رهيا آ??ن، انهن شهرن ۾ علي ڳڙهه، ديوبند، فرخ آباد، بدايون، سلطان پور، فيروز آباد ۽ شاهجهان پور شامل آهن. يو پي حڪومت اڳ ۾ ئي فيض آباد جو نالو ايوڌيا ۽ الهه ??باد جو نالو بدلائي پرياگ راج ڪري چڪي آهي. مودي جي ويجهي معاون ۽ يو پي جي وڏي وزير يوگي آدتيه ناٿ مسلم پس منظر ضلعن ۽ علائقن جا نالا بدلائي مسلم سڃاڻپ کي مٽائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. 2017ع ۾ ونٽي ڪٽيا جيڪو ان وقت بي جي پي جي راجيه سڀا جو ميمبر هو، هن دعويٰ ڪئي ته اها يادگار حقيقت ۾ هڪ شيو مندر آهي جنهن جو نالو ”تيجو مهاليه“ آهي، جنهن کي اصل ۾ هڪ هندو حڪمران ٺاهيو هو. تاج محل جي تازي واقعي 6 ڊسمبر 1992ع تي تاريخي بابري م??جد جي شهادت جي زخم کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيو آهي. رام جنم ڀومي موومينٽ جي صدر ايل ڪي آڏواڻي جي قيادت ۾ ايوڌيا ۾ بابري م??جد جي شهادت بي جي پي ۽ ار ايس ايس جي ان دعويٰ کي سگهه ڏيڻي هئي ته ايوڌيا مندر ان جڳهه ??ي ٺاهيو ويو هو جتي هندو ديوتا ڀڳوان رام جي پيدائش ٿي هئي. هندو قومپرست گروپ وشوا هندو پريشد (آر ايس ايس جي ذيلي گروپ) جي ترجمان شري راج نائر چيو ته اها هڪ و??ي ڪاميابي هئي. مودي جي ٻي حڪومت جي دور ۾ بابري م??جد جي شهادت ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي سي بي آءِ جي خصوصي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو هو، باوجود ان حقيقت جي ته بابري م??جد جي شهادت اخبارن ۽ وڊيوز ۾ رڪارڊ ٿي، عدالت چيو ته ثبوت قابل قبول نه آهن. هندوتوا جي نظريي تحت قبضي ۾ ورتل بابري م??جد واحد نه آهي ان کان اڳ 17 هين صدي جي گيانواپي م??جد جيڪا مغل بادشاهه ??ورنگزيب تعمير ڪرائي هئي تي پڻ انتهاپسند هندوئن جي دعويٰ آهي ته اها وشويشر مندر جي مٿان ٺاهي وئي هئي جتي 2021ع ۾ ڇڪتاڻ ان وقت پکڙي جڏهن 5 عورتن هڪ پٽيشن داخل ڪئي ۽ م??جد جي اندر نماز پڙهڻ جي لاءِ پهچ جو مطالبو ڪيو، هڪ ئي پٽيشن هاڻي وڌي 15 جدا جدا درخواستن تائين پهچي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن مسجد کي شهيد ڪرڻ ۽ ان جي جڳهه مندر ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو. بابري م??جد جي شهادت کانپوءِ هاڻي اهو ئي امڪان آهي ته مودي حڪومت تحت عدالتون هندوئن جي حق ۾ فيصلا ڏينديون. 1669ع ۾ مغل شهنشاهه ??ورنگزيب جي دور ۾ مٿرا ۾ تعمير ڪئي وئي، شاهي عيدگاهه م??جد بابت پڻ انتهاپسند هندو اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اها م??جد ڪيشو ديو مندر تي ٺاهي وئي هئي ان کانسواءِ ساڄي پاسي جا هندو گروپ جامع م??جد شمسي بابت پڻ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ان کي نيل ڪانٺ مهاديو جي مندر کي ڪيرائي تعمير ڪيو، بدقسمتي سان عالمي برادري ڀارت ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ هندوتوا پاران مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف انساني حقن جي واضح خلاف ورزين تي اکيون بند ڪري رکيون آ??ن، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخي ورثي ۽ ملڪيتن جي حفاظت جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.