اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا ??هن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 وينٽيليٽرز تي م??جود مريضن جون ٿيون، سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 435 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 1 مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 42 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 39 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دور??ن ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 461، پنجاب ۾ 14 هزار 804، خ??بر??ختونخواهه ۾ 5 هزار 581، اسلام آباد ۾ 4 هزار 492، بلوچستان ۾ 500، گلگت بلتستان ۾ 312، آزاد ڪشمير ۾ 219 ٽيسٽ شامل ??هن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 53 هزار 828 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض ??هن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 124 آهي.