اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان حزب اسلامي افغانستان جي اڳواڻ گلبدين حڪ??ت يار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عم?? ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان گلبدين حڪ??ت يار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آه??. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.