اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪ??يت?? جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيم??ن جي حوالي سان شڪ??يت?? جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيم??ن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽي??ون لڳايون وڃن، ٽي??ون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ?? رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽي??ون ضرورت موجب ضلعي انت??ام??ا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيم??ن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.