مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??اجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارليا??ان?? ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارليا??ان?? سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حري?? جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي ??ال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم ??مران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم ??اجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.