اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خا?? معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آ??ي ته 330 ميگاواٽ جي ٿر بلاڪ ٽو پاور پلانٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٿر انرجي لميٽ??ڊ ۽ حبڪو ڪوويڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان مت??ثر ٿيڻ کانسواءِ منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان منصوبي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ 805 مقامي ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار مليو آ??ي. هن چيو ته ان منصوبي جي مالياتي معاملن کي هلندڙ سال 31 جنوري تي حتمي شڪل ڏني وئي هئي.