اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ??ور??نا پکڙجڻ جو خ??شو آهي، اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ??ور??نا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي ??اري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ??ارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ور??نا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد س??ولتون موجود آهن.