اسلام آباد – 15 جون (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي ج??چ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏ??وئ??ندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪ?? پيدائش کان اڳ ئي يتيم ٿي چڪا آهن.