اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ قومي سلامتي و??ري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ حڪومت سرجيڪل ماسڪ ل??زم?? قر??ر ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 78 فوتگين سان هن وقت مجموعي فوتگيون 1395 ٿي ويون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتگين ۽ ڪيسن جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي جو امڪان آهي، فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ هيلٿ ماهرن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، افغانستان حڪومت جي درخواست تي ضروري شين جي چرپر جي اجازت ڏني و??ي آهي، پهرين جون کان 10 جون تائين وڌيڪ 20 هزار ڦاٿل پاڪستانين کي و??ن واپس آندو ويندو. هو نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ گڏيل بريفنگ ڏئي رهيا هئا.