اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مر??ا چيو آهي ته پمز آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌ??ئي 30 ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي آئسوليشن سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ آئسوليشن سينٽر جا انتظام اطمينان بخش آهن، هن چيو ته آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 ما?? وڌ??ئي 30 ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين سهولتن ۾ به اضافو ڪي?? پيو وڃي.