اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صدر جو عالم سڳورن سان مشا??رت کانپوءِ متفقه پڌرنامو انتهائي خوش آئنده آهي?? رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ج?? لاءِ صدر جو قائداڻو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ان وبا جو احتياط ئي سڀ کان موثر علاج آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۽ قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي ا??م آهي.