اس??ام آبا?? – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ??هي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورائتا آ??يون جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شرو?? ڪري رهيو ??هي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ??ه پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکندا، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وبا کي روڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.