اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ڪرونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ س??ور??ون صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستاني فوج ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، قومي ڪوششن جي سپورٽ ۾ ميڊيڪل ايڪشن پلان بڻايو آهي، ٽنهي هٿيارب??د فوج جي ميڊيڪل سهولتن کي هر طرح سان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، هٿيارب??د فوج جو ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ وزيراعظم ج?? صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.