سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو اهي ته 2020?? نئين سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي ??ڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجوده حڪومت پنهنجو پهريون سال سڌارن ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ مشڪلاتن کي ??ه منهن ڏيڻو پيو ڇو ته سڌارن جو عمل تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، نظام کي ??دلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل نظام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مشڪلاتون هونديون آهن، ??ذر??ل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، قرضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، سيالڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي ??طاب ڪندي هن چيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي ??وش قسمت سمجهان ٿي ته الله تعاليٰ مون کي ??وهان لاءِ چونڊيو ۽ اها ذميداري ڏني ته آئون توهان جي سُڃاڻپ بڻجان ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.