لاهور -11 سيپٽمبر (اي ??ي پي) لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پي ڊي ايم اي ??نجاب جي ترجمان مطابق ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڊيره غازي خان شادي والا جڏهن ته اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. سڄي پنجاب جي انتظاميه عما??تن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو آهي، ته صوبائي ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جي ڊسٽرڪٽ اي??رج??سي آپريشن سينٽرز به الرٽ آهن. زلزلي جي نقصانن جا اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائين نمبر 1129 تي ڏئي سگهجن ٿ??.