ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت ??ان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سل??مت?? ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي ا??ان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين ا??ان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏ??يون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفو?? بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته ا??ان پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن ??ان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن ??ان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي تعاون ??ان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انج??م تائين پهچايو ويندو. وڏي وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.