اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر م??لڪ?? آصف علي زرد??ري چيو آهي، ته آ??ين جي آرٽيڪل 25 اي مطابق تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي قوم جي مستقبل جي بنياد آهي، قومن جو مقدر بدلجڻ ۾ تعليم ۽ خواندگي جو اهم ڪردار آهي، ايوان صدر پريس ونگ طرفان عالمي يوم خواندگي جي موقعي تي ج??ري پنهنجي پيغام ۾ صدر م??لڪ?? آصف علي زرد??ري چيو آهي، ته قومن جو مقدر بدلجڻ ۾ تعليم ۽ خواندگي جو اهم ڪردار آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي قوم جي مستقبل جي بنياد آهي. آ??ين جي آرٽيڪل 25 اي مطابق تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، اڄ اسان هر شهري کي تعليم فراهم ڪرڻ جي عهد جي تجديد ڪيون ٿا، صدر م??لڪ?? چيو ته پاڪستان ناخواندگي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي، قومي تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو، تعليمي ايمرجنسي جو مقصد اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ، 7 ڪروڙ بالغ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ آهي. صدر م??لڪ?? هر پڙهيل لکيل شهري کي اپيل ڪئي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڻ پڙهيل شخص کي تعليم ڏئي. صدر م??لڪ?? وڌيڪ چيو ته خواندگي ۾ اضافي لاءِ بينظير تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. مستحق ٻارن کي اعليٰ ثانوي سطح تا??ين تعليمي وظيفن جي صورت ۾ مالي سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. سمورن ضلعن ۾ ڇوڪرن لاءِ 4 هزار ۽ ڇوڪرين لاءِ 4500 روپين تا??ين في ٽه ماهي وظيفا ڏنا پيا وڃن. هن وقت 97 لک ٻار بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، صدر م??لڪ?? چيو ته گهٽ آمدني وارن خاندانن جي شاگردن کي 102000 انڊر گريجوئيٽس اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن. اسان کي تعليم جي عالمگير حق کي هٿي ڏيڻ جي قومي مقصد لاءِ پاڻ کي ٻيهر وقف ڪرڻو پوندو. ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ هر فرد جو ڪردار نهايت اهم آهي.