اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ڳولها لاءِ نون بلاڪس جي نيلامي ??ئي پئي وڃي. آف شور گئس جي ڳولا لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کي به دعوت ڏني ويندي. انهي لاءِ مقامي ??مپنين سان گڏجي پڻ هو ڪم ڪري سگ??ندا، ملڪ ۾ نون گئس ڪنيڪشنن تي پابندي پي ٽي آءِ جي دور ۾ لڳائي وئي هئي جنهن تي موجوده حڪومت به عمل پيرا آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻڌايو ته گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، گئس نه هئڻ سبب عوام کي گئس نه ٿي ملي، ان جو حل امپورٽ ڪري گئس جي فراهمي ??رڻي آهي جڏهن ته اها گيس گهريلو صارفين جي خريداري واري طاقت کان ٻاهر آهي، آخري حل اهو آهي ته مهانگي گئس آڻي، سستي وڪرو ڪئي وڃي جڏهن ته اهو ناڻي وزارت بار نٿي کڻي سگ??ي. انهي لاءِ طريقيڪار اهو طئي ڪيو ويو ته تيل ۽ گئس جي ڳولها لاءِ نون بلاڪس کي آڪشن ڪيو پيو و??ي ته جيئن پيداوار وڌي. سمنڊ ۾ گئس جي ڳولها لاءِ عالمي ??مپنين کي به دعوت ڏئي رهيا آهيون، مقامي ??مپنين سان گڏجي گئس ۽ پيٽروليم جي ڳولها لاءِ ڪم ڪنداسين، جيڪي ذخيرا آهن انهن مان وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪ – ايران پائيپ لائين تي 18 ارب ڊالرز تي ڪنهن به پينلٽي يا لاڳت جو مطالبو ناهي ٿيو، اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، عالمي سطح تي پابندين ۽ ٻين پيچيدگين سبب جيڪي قدم کڻي رهيا آهيون، ايوان کي ان بابت ان ڪيمره بريفنگ ڏئي سگ??ون ٿا. هن بڌايو ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتي پنجن ڪلوميٽرن جي علائقي اندر ڪنيڪشن ڏنا ويندا، اها پابندي پي ٽي آءِ حڪومت لڳائي هئي، اسان جي حڪومت به ان تي عمل پيرا آهي، هي پاليسي اوگرا طرفان آهي جيستائين موجوده صارفين جي گهرج مطابق گئس پوري نه ٿيندي تيستائين نوا?? ڪنيڪشن نه ڏنا ويندا، ڪرڪ ۾ گئس چوري ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته آئين تحت صدر يا ان پاران نامزد ڪيل نمائندو نئين دريافت ٿيل گئس جي استعمال ۽ ان کي رکڻ جو تعي?? ڪندو آهي.