اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جماعت الاحرار جي ??هش??گردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل ??هش??گرد خارجي ليڊرن سميت 25 ??هش??گردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج عقيدت پي?? ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، ??هش??گردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ??هش??گردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.