اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گه??و وزير سيد محسن نقوي جي صدارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو. گه??و وزارت طرفان جاري بيان مطابق گه??و وزير چيو ته ڪنهن کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي. احتجاج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ احتجاج سان عوام جي روزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گه??و وزير محسن نقوي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي جان مال لاءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. سيد محسن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن خلاف ??انون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو ??فص??لي جائزو ورتو ويو.