اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ضروري ??هي.اهڙو اظهار هن ڪالهه ض??عي ايجوڪيشن رپورٽ 2023ع جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ن) طرفان ماضي ۾ انساني وسيلن جي ترقي ۾ ڪيل سڌارا سياسي بي ڌياني جو شڪار ٿيا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي نوان هنر سيکارڻا پوندا. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته نوجوانن کي ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ترقي لاءِ رڳو انفراسٽرڪچر ڪافي ??اه??، دنيا ۾ ڪو به ترقي يافته ملڪ اهڙو ??اه?? جنهن تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪري ترقي ڪئي هجي. تعليم جي شعبي ڌيان نه ڏيڻ ترقي جي سفر ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جهڙي طرح ليپ ٽاپ، بنا سوفٽ ويئر بي معنيٰ هوندا آهن اهڙي طرح تعليم کانسواءِاسان پائيدار ترقي جو تصور نٿا ڪري سگهون. تعليم ۽ انساني وسيلن ۾ ترقي پائيدار معاشي ۽ معاشرتي ڍانچي جو بنياد رکن ٿا. اسان ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ۾ تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي اهميت ڏني. وفاقي وزير چيو ته 1999ع ۾ جنرل مشرف مارشل لا لڳايو ته مون کيس خط لکيو ته ويزن 2010ع اسان جي سياسي پارٽي جو سياسي دستاويز ??اه??، ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ ويزن 2010ع تي عملدرآمد جاري رکيوو ڃي. هن چيو ته اسان 2017ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ض??عي سطح تي غربت جو تعين ڪرڻ لاءِ رپورٽ جاري ڪئي، اڄ انهي تسلسل کي برقرار رکندي اسان ض??عي سطح تي تعليم جي صورتحا?? تي اهم رپورٽ جاري ڪئي ??هي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ميڊيا سياسي اختلافن کي ڌيان ڏيڻ بدران تعليم، صحت، سماجي سطح تي درپيش بنيادي مسئلن کي ڪوريج ڏي.ميڊيا پاڪستان کي درپيش بنيادي مسئلن کي بحث جو موضوع بڻائيندو ته هر تڪ ۽ ض??عي سطح تي ترقي جو عمل شروع ٿيندو.