اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض عملدارن جي عهديدارن جي سربراهي ۾ سوين انتهاپسند آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه جي عوام جي خلاف جاري جنگ ۾ اسرائيلي قابض فوج 40 هزار ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. ترجمان چيو ته اسلام جي مقدس ترين جاين مان هڪ جي بي حرمتي ۽ عبادتگذارن جي حقن ۾ رڪاوٽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪيلف پهچائي ٿي، اها حرڪت جنيوا ڪنوينشنز ۽ والاريل ??يت المقدس جي تاريخي شهر جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل ??لاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسان والاريل ??يت المقدس جي عرب ۽ اسلامي ڪ??دار ک?? تبديل ڪرڻ جي مقصد سان اسرائيلي قبضي جي پاليسين سان پيدا ٿيندڙ خطري بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خدشن جو اظهار ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري خاص طو?? تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل ??يت المقدس ۾ مقدس جاين جي تقدس جي خلاف انهن سنگين ۽ بار بار ٿيندڙ خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ، الاقصيٰ جي اسلامي تقدس جي حفاظت ۽ فلسطيني عوام جي عبادت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري ڪ??رروائي ڪ??ي.