لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي بنا فرق انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، سمورن مذ??بن جي ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن نظرين موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي، اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، وزيراعظم چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي پاڪستان جي رياست ل??ءِ خدمتن جو اعتراف آهي، اسان جي اقليتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين وطن جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وجهي رهي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اقيلتن ل??ءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو. قائداعظم جي ويزن جي پيروي ڪندي اقليتن جي خدمتن ۽ انهن جي سڃاڻپ جي اعتراف ۾ 11 آگسٽ تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيون ٿا. پاڪستان حڪومت مذهبي اقليت برادري جي فلاح و بهبود جي حوالي سان عملي قدم کڻي رهي آهي، اقليتن ل??ءِ روزگار جي موقعن ۾ ميرٽ کان علاوه مخصوص سيٽون ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته اسان وٽ اقليتن کي اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. اقليتي برادري جي سمورن ادارن ۾ نمائندگي کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيوته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ۾ رهندڙ مذهبي اقليتن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عزت ۽ احترام جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ سمورن اقليتي برادرين ل??ءِ برابري جا حق آهن ۽ انهن جي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. حڪومت پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ سمورين اقليتي برادرين ل??ءِ برابري جا حق يقيني بڻائي رهي آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمان، سک، هندو، مسيحي، پارسين سميت سمورن مذ??بن جا ماڻهو هن ملڪ جا آزاد شهري آهن، جن کي هڪ جهڙا حق ۽ پنهنجي نظرين مطابق زندگي گذارڻ جي پوري آزادي حاصل آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان حڪومت اقليتي برادري جي فردن جي مختلف شعبن ۾ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، اقليتي برادري پاڪستان جي دفاع ۾ به اڳيان اڳيان رهي آهي ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن جي ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن. اڄ جو ڏينهن حقيقت ۾ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، ته اقليتي برادرين پنهنجي مثالي اتحاد کي برقرار رکندي بنا امتياز ج?? ملڪي ترقي ل??ءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کان سو??ءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح به سمورن اقليتن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ تي زور ڀريو. اقليتن کي بنيادي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي جان مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. سمورن اقليتن جي فلاح و بهبود ل??ءِ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت سموري اقليتي برادري جي بنيادي حقن جي تحفظ، عزت ۽ وقار، جان ۽ مال جي تحفظ ل??ءِ پرعزم آهي، سمورن اقليتن جي مقدس ماڳن جي حفاظت، سار سنڀال، رنگ روغن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، ته وطن عزيز ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جو احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم هن اميد جو به اظهار ڪيو ته سموريون اقليتون ملڪ جي ترقي ل??ءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون. محمد شهباز شريف عالم سڳورن ۽ عوام تي زور ڀريو ته هو مختلف عقيدن جي ماڻهن وچ ۾ رواداري، برداشت ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏين. ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ سمورن ادارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت مختلف مذ??بن کي مڃيندڙن جي حقن جي پاسداري ل??ءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.