اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو م??هايو. بيان موجب ان موقعي تي صدر، ??زي??اعظم، نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آ??ي ته نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن پنه??جي خطن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنه??جي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو م??قعو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن جي صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي ??زي?? ان موقعي تي خاص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آ??ي ته استحصال ڏهاڙو م??هائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستاني ۽ ڪشميري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي فعال شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن به ڪشميري عوام جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.