سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊ??ا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميرين جي ??حتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ?? مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آه?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي ??ل، سمورن سياسي نظربندن جي ??زادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ??اتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي ??ابطن جي ??ائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.